زنڪاري ڳوٺ

زنڪاري ڳوٺ (Zuncari Village): هيءُ 22000 ق-م جا قدرتي کڏا ۽ غارون آهن، جيڪي تعداد ۾ ست آهن ۽ هن وقت به بلوچستان جي ڳوٺ زنڪاري ضلعي قلات ۾ موجود آهن، هنن کي انسان ڪنهن وقت پنهنجي رهائش ۽ بچاءَ لاءِ استعمال ڪيو آهي. ٽڪرين تي نقشڪاري ٿيل آهي. نقشن ۾ وڻن، ٻوٽن ۽ انسانن جون تصويرون ٺهيل آهن. هتان توتئي، ميگنيز وغيره ڌاتن جا به نشان ملن ٿا، جيڪي پٿر جي دؤر جي ماڻهن چٽن ڪڍڻ لاءِ رنگ طور استعمال ڪيا هوندا. هتان ڪجهه واهپي ۾ آيل انساني اوزارن جا نشان به مليا آهن، جيئن: ڪهاڙي، پتا، ڪونرون، اڻيون، ڇلر وغيره، جيڪي Acheulian (آشولين) ثقافت سان ڀيٽڻ جهڙا آهن. پر ماڳ ان ثقافت کان پوءِ جو لڳي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو